جاڳو بابت
معنيٰ
سُجاڳ رھو، بيدار رھو، اوجاڳو، سارَ لھو، سنڀاليو، سُڌ رکو، خَبَرَ پروڙيو.
be wakeful, don't sleep, open eyes, be alert.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ مَ سُمهو، رِڪابين پيرانِ، واڳُنِ مَٿي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو، اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا، جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنھُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن، اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتُئِي نَہ ڏيئِي، ھَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ويھِي ويراڳِيَنِ جو، ٻِئي ڏِينھُن ٻُڌُمِ حالُ، اُنِ جا ڌاڳا ڌُوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زَوالُ، اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇَڏِئُون، چوٽا چَڱيءَ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، اَندَرِ آڳِ جَلاءِ، جَنِ کي سَڄَڻَ جِي ساڄاءِ، تَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو، پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي، مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي، ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]