تَوائِي بابت
معنيٰ
گمراھ، ڀليل، بتال ٿيل، منجهيل. وائڙو، موڳو، حيران. ڇڙ وڇڙ.
At random, without aim or thought, at fault, missed, passed without effect, wandering uselessly, scattered here and there.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللهُ ڪَري، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين ڪَنڌِي نِئي، سُتَڙِ سي ڍوئي، جٖي تَڙِ تَوائِي…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو، اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا، جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي، ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري، جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سرھائي، سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري، ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي، دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]