بازارِ بابت
معنيٰ
دڪانن (ھٽن) جي قطارن وارو هنڌ جتي هر قسم جي خريد فروخت ٿئي. منڊِي، واپار جي جاءِ. دڪانن وارو ٿاڪُ.
Market, mall, trading place.

بيتن ۽ وائين ۾
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي، بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ، سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بازارِ جي بِيھَڻَ کان، سامِيَنِ ڪِئو سوڳَندُ، پِيتائُون پُرِ ڪَري، سَندو مَحَبتَ مَندُ، ٿِئا سَڻاوا سَيِّدُ چئَي، رِڙِھِي لَڌائُون رَندُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا، پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا، جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو، بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو، دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان…[ سُر بلاول - وڳند ]
- ڪيچُ جيڏاھِين جيڏِيُون، آھيم آسَ اوڏاھِين، بَندِيءَ جِي بازارِ ۾، شالَ مَ پَوي پانھِين، ھاڙِھي وَڃِي ھوتَ ڏي، ٿيِندِيَس ڏاھِ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- نَہ سي ووڻَ وَڻَنِ ۾، نَہ سي ڪاتارِيُون، پَسِئو بازارِيُون، ھِينئَڙو مُون لُوڻَ لَھي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]