اَڱَڻَ بابت
معنيٰ
اَڳر، آڳنڌ. گهر جا احاطا. آڳيل، پڌَر. صحن.
The court yard in front of a house, a yard.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏھِن تَڏِھِين پِرِينءَ کي، ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀَيئِي، اَکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِھاري موٽِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ڪُنجُون جٖي ڪُلفَنِ جُون، تان ڪَنھِن لَلِ لِڪاءِ، سُڀاڻي سَندِياءِ، ھُوندَ ٿِي سارُوڻِي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِٺَئِي ڏِينھَن، وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُ وِھاڻِيءَ سِينءَ، چوٽِي سين چانگَن کي، جَڙِ زَنجِيرَنِ جِيئَن،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، ڏِٺَئِي جَي توڏا، وَنگِيَئِي نَہ وارَنِ سين، تَن گورَنِ جا گوڏا، لَڪَنِ جا لوڏا، ھُوندَ نَہ سَٺَئِي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن اوڳِي ڏِٺَئِي اُٺَ، ڏانيُئِي نَہ ڏاگهَنِ کي، اورِي ساڻُ اَڳَٺَ، ھُوندَ نَہ تُنھِنجي ھَٺَ، سورَ پِرايا…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، اونائِجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها سُوالُ، اَڱَڻَ مَٿي آنھِنجي، ڪَھي ڪِي قَوالُ، ڀَلا ڪَري…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي، آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ، سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ، مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ، ساري شفِيعَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ھَٿَنِ سين حاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِھارِ، اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنھِنجا سُپِرِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]