اَمُرُ بابت
معنيٰ
حڪم، فرمان، آگيا. اِجازت، اِزن. قضا. لِکيو خدا جي طرفان. تقدير. ارادو. مسئلو. گرامر ۾ حڪم ڏيڻ لاءِ ڪم ايندڙ لفظ جو مصدر مان ”ڻ“ ڪڍي ڇڏڻ سان ٺھندو آهي، جيئن لکڻ.
Order, decree, destiny, fate, permission.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ، تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ، تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪو نَہ، جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دُورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري، عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري، واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن، رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ٿَرَنِ ٿيلِهِيِ نَہ مَران، مُون مارُو مَ ٿيلِهِينِ، پَتِ ڀَريِي پَنوَهارَ جا، مَرُ ٿِيُون ڏُنگَها ڏِينِ، اَمُرُ جي نَہ مَڃِيينِ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ٿَرِ ڪِئائُون ٿاڪَ، سانگِي لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري مَذاقَ، جيڪُسِ پَروَرَ پاڪَ، اَمُرُ اِيءُ اَباڻَنِ سين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]