اَدَبُ بابت
معنيٰ
خُلق، فضيلت. تھذيب، شايستگي. عزت، مان. مرؤت، وڏن جو لحاظ.
Respect, politeness.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان، اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان، مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ، وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو، ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مَرڪُ لَڄايُنِ، چُپَ سين جٖي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- آديسِيَنِ اَدَبُ، آھي اَکَڙِيُنِ ۾، تَنِ جو حَسَبُ نَسَبُ ناھِ ڪِي، نَہ اَبائِي نَہ اَبُ، سامِيءَ کي سَڀَين پَريين، رُوحَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- گُنگي جي ٻُجَهنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو، نَنڍِي وَڏِي ڳالِهڙِي، سَڄَڻَ ٿا سَمجَهنِ، تُون ڪِيئَن اَڳِئان تَنِ، وَڃِئو وِلَلِين واتَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڪوجها نَظَرَ ڪَنِ، اَکِيُنِ اَدَبُ ڇڏِئو، کَرَنِ ساڻُ کِلَنِ، وَھِ پِيو وِڙَنِ سين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]