آتَڻِ بابت
معنيٰ
گڏجي ويھي سُٽ ڪتڻ جي جاءِ ۾. وصال جي منزل يا مڪان ۾. گڏجاڻي، ميلاپ. آرام، آسائش. زماني جي زيب زينت جو هنري سامان.
In the place where women sit and spin. Place of meeting with love, chanting place.
بيتن ۽ وائين ۾
- آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ، آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ، آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ، چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ، پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ سين، ھاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِھارِئان.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- جَنِي ھيڪَلِي ڀيرِئو، تَنِي ميڙِئو ماءِ، تَندُ اِھَڙِي ساءِ، مُون آتَڻِ ھَڏِ نَہ اُڄَهي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ اُٿِي آتَڻِ آءُ، ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ، تَہ صَرافُ تو…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون، ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون، ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون، ”اَسِين“…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- وييُون ڪَنھِن وِڳَھَ تَڙِ، ڀيرا ڀَڃِي ماءِ، آتَڻَ مَٿي اُسِرِي، آيَسِ اُنِين لاءِ، تِئان ھِتِ نَہ ڪا، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، جَنِي ڪِتو ڪالَهہ، اَرٽَ اُکَلِي مالَهہ، پُوري ويئُون نِجُهرا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَتي ڪَتي ڪالَهہ، اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، اَرٽَ اُکَلِيَنِ مالَهہ، چَرَکا چوري وييون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]