آتَڻِ جي سنڌي معنيٰ
گڏجي ويھي سُٽ ڪتڻ جي جاءِ ۾. وصال جي منزل يا مڪان ۾. گڏجاڻي، ميلاپ. آرام، آسائش. زماني جي زيب زينت جو هنري سامان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In the place where women sit and spin. Place of meeting with love, chanting place.
آتَڻِ جا بيتن ۾ حوالا
آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري،
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين،
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ،
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 20 ]
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 20 ]
جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ،
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]
اَڄُ نَہ پَسان سي، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ سين،
ھاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِھارِئان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 17 ]
ھاڻي تَنِي کي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ نِھارِئان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 17 ]
جَنِي ھيڪَلِي ڀيرِئو، تَنِي ميڙِئو ماءِ،
تَندُ اِھَڙِي ساءِ، مُون آتَڻِ ھَڏِ نَہ اُڄَهي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 2 ]
تَندُ اِھَڙِي ساءِ، مُون آتَڻِ ھَڏِ نَہ اُڄَهي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 2 ]
توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ اُٿِي آتَڻِ آءُ،
ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ،
تَہ صَرافُ تو صُباحِ، ڪوٺي ڪاتارِنِ سين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 10 ]
ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ،
تَہ صَرافُ تو صُباحِ، ڪوٺي ڪاتارِنِ سين.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 10 ]
سي اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون، جَنِي ڪِتو ڪالَهہ،
اَرٽَ اُکَلِي مالَهہ، پُوري ويئُون نِجُهرا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 34 ]
اَرٽَ اُکَلِي مالَهہ، پُوري ويئُون نِجُهرا.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 34 ]
ڪَتي ڪَتي ڪالَهہ، اَڄُ نَہ آتَڻِ آيُون،
اَرٽَ اُکَلِيَنِ مالَهہ، چَرَکا چوري وييون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 35 ]
اَرٽَ اُکَلِيَنِ مالَهہ، چَرَکا چوري وييون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 35 ]
نَفِيءَ جي نانھِن سين، پَھِي پِڃِئائُون،
ڀِڙا جٖي ڀانئَڻَ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
ھُو جَو وَڻُ ھُئَڻَ جو، وَڍي وِڌائُون،
”اَسِين“ ۽ ”آئُون“، آتَڻِ اُنِ نَہ اُڄَھي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 16 ]