آتَڻُ بابت
معنيٰ
گڏجي ويھي سُٽ ڪتڻ جي جاءِ. وصال جي منزل يا مڪان. گڏجاڻي، ميلاپ. آرام، آسائش. زماني جي زيب زينت جو هنري سامان.
The place where women sit and spin. Place of meeting with love, chanting place.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو، ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو، نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ، ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، آئُون ٿِي مَران ماءُ، پِٿُون ٿيِندِيَس پيرَ تي، ھئَي ھئَي ڪَري ھاءِ، جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِرِيَنِ…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئَن، ھاڻي گُهرِجي ھِيئَن، جِيئَن ڏِجي باھِ ڀَنڀورَ کي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻِ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھاڻِ، رائي ۾ رِھاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاھُ کُوءِ، آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون، ساڄَنُ مُنھِنجو ساھُ، ھاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو، ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- اَڄُ نَہ ڳالَهائُونِ، ھُونِ ڏِھاڙِي نِجُهري، پَسو پَھُ پِئُونِ، آتَڻُ سُڃُو اُنِ ري.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِئو، پَسان ڪِينَ ٻِئو، تَنھِن ريءَ اَکَڙِيُنِ سين.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو، تَنھِن ناتَر گَهڻا نِهوڙِئا، جا دَرَ مَٿي دائِي، اَڃا مُومَلَ مَنجِهہ ٿِي، ھِيءَ جا ٻاڻَ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڳوڙَھَنِ ڳاٽُ ڀَري، جان آيَسِ اَڳُوڻِيءَ ھيرَ، تان نَہ آتَڻُ نَہ جيڏِيُون، پَلَنگِ ڏِيان ڪيئن پيرَ، ھاڻ گهيڙ گهُمَندِي ڪيرَ،…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]