ھاٿِيءَ بابت
معنيٰ
جهنگ ۾ رھندڙ ھڪ مشھور جانور، جيڪو جسم ۾ وڏو ٿئي. عربيءَ ۾ فيل
An elephant.

بيتن ۽ وائين ۾
- پائي پَٽِ ڪَڻا، تان مُون مُورُ نَہ مَڱِئو، تازِي تَنبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گَهڻا، ھاٿِيءَ ڪارَڻِ ھيڪَڙي، آئُون ڪا تَندُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ، ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري، نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ، ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪيھَرَ ڪوڙي لَڳُ، جو ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گُهري، پَسي وَڏو وَڳُ، جَنبُو جِمَ جُھارِيين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]