گُجَرِ بابت
معنيٰ
سهڻي ڇوڪري، ڪامڻي، حسين عورت، پَري، اپچرا، حَسين، ماهِرُو، خوبصورت، نازنين.
Beautiful girl, pretty woman, lovely, alluring woman.
بيتن ۽ وائين ۾
- آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون، آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ، ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- گُجَرِ کي گَجميل جُون تارَنِ ۾ تَبَرُون، ھَڻِي حَڪِيمنِ کي، زورَ ڀَرِئو زَبَرُون، ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيھِيَنِ جُون.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اَنگُورَ، ھَڻي حَڪِيمَنِ کي، پَٽِي مَنجهان پُورَ، گهوٽَ پِھرِيين گهُورَ، گُجَرِ گَهڻا گهائِيا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ تاڪي ھَنيَسِ تيرَ، گهايائُون گُجَرِ کي مَرَڪِي اُڀِيا مِيرَ، مُومَلَ گهَڻِيءَ اُڪِيرَ، پاڻان پُڇي تَنِ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسِ گهاءُ، مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچِي آڏِي اُڀِيي، مَٿي پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ ھَڻَنِ جي.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- آئُون ٻانِهي ٻايُون ٻِيُون، تَڙَ مِڙيئي تارِ، لَکين لڊُوڻي ڪَنڌِيين، نِينھَن نِهايُون نارِ، وَھِٽَ اِتاھِين وارِ، اَڳِئان گُجَرِ ٿِي گَزَ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون، جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون، سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون، سو موٽِي ڪِيئَن…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]