ڪُڙِه بابت
معنيٰ
بدن، جسم، جُسو، جان، دل، ھردو، ھيانءُ، نھائين.
Inside body, heart, spirit, innermost, womb.
بيتن ۽ وائين ۾
- ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا، تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي، حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون، ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان، ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو، وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي، لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي، ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي، اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين، ٻولِ ڀَڃَندي ھَنجَ، موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ، اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سِپَ موتِي پيٽَ ۾، ڪُڇي ڪِينَ مُھاءُ، ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]