ڪُڙِه جي سنڌي معنيٰ
بدن، جسم، جُسو، جان، دل، ھردو، ھيانءُ، نھائين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Inside body, heart, spirit, innermost, womb.
ڪُڙِه جا بيتن ۾ حوالا
ظاھِرَ ۾ ظانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا،
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 1 ]
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

اولاڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مارو ڪِئو،
وِساريج مَ وَرَ کي، مَنجهان ڪُڙِه ڪَچِي،
لاھي لاڳاپا لَنگِهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونھِن سَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورَنِ سين، پَھچَندِينءَ پَچِي،
مَنجهان راھَ رَچِي، ٿِينديِنءَ لالَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 8 ]

زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]

گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو،
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ سَڄَڻين.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 3 ]
جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين، ٻولِ ڀَڃَندي ھَنجَ،
موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ،
اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيرُ ٿِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 20 ]
موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ،
اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيرُ ٿِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 20 ]
سِپَ موتِي پيٽَ ۾، ڪُڇي ڪِينَ مُھاءُ،
ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 27 ]
ڪُڪِڙِ آنو ڪُڙِه ۾، گهَرِ گهَرِ ڪَري گَواھُ.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 27 ]
English Meaning
Inside body, heart, spirit, innermost, womb.