ڪَڙِيُون بابت
معنيٰ
ڦرڙي يا ڦٽن ڇُٽن مھل، انهن مٿان سُڪي ويل رت ۽ پُونءِ جا پردا، ڦٽن جا ڇلهڙ.
scabs, dried skin layer in healing of wounds.

بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ، واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- چاڪَ اُڀرِئا، ڪُو ماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چاڪَ پِئا، ڏيرَنِ ٻِئا ڏِنا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن اَکڙِيُون، سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون، مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون، اِيندا…[ سُر پورب - جوڳي ]
- اچِي رَھِئا ريلَ ۾، لَڪَڙِيُون کوڙي، وِئَڙا اُکوڙي، جُوءِ نَہ وَڻِي جوڳيين.[ سُر پورب - جوڳي ]