چيلِهہ بابت
معنيٰ
جسم جو وچ، ڀَڀر ۽ ٽنگن جي گڏجڻ وارو هنڌ، ڪمر، لَڪ.
The waist, lumber.
بيتن ۽ وائين ۾
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو، گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- چارِ تَرارِيُون چيلِهہ تي، ٻَڌي ٻَہ پاڳُون، اَڳِيَنِ جُون آڳُون ڪَونئُرَ ڪِلي ۾ موکيُون.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، اُٿِي رائو ريلِ، ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاءِ، ٻَڌُ چِتائي چيلِهہ، ٿَڪِيائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي، سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي، ٻانڀَڻِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ، ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا، گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ، لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ، جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن، نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ، چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ، ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- چيلِهہ چَڪَرَ ڳَلِ سِڱِيُون، مَٿِنِ مُگَٽَ موڙَ، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ، مُون ويسَرِيءَ وِڃايا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]