چيلِهہ جي سنڌي معنيٰ
جسم جو وچ، ڀَڀر ۽ ٽنگن جي گڏجڻ وارو هنڌ، ڪمر، لَڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The waist, lumber.
چيلِهہ جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو،
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄاڻِ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 15 ]

چارِ تَرارِيُون چيلِهہ تي، ٻَڌي ٻَہ پاڳُون،
اَڳِيَنِ جُون آڳُون ڪَونئُرَ ڪِلي ۾ موکيُون.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 8 ]

ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، اُٿِي رائو ريلِ،
ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاءِ، ٻَڌُ چِتائي چيلِهہ،
ٿَڪِيائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين ڄامَ پُنهونءَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 22 ]

جَي سُورَنِ سِجهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، لالَڻُ لِيلائي،
سَڱُ پُنُوھَ جي سَسُئِي، ميڙي مِلائِي،
ٻانڀَڻِ ٻاڏائِي، حَبِئان وارِئو ھوتَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 15 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ،
ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 44 ]

چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ،
ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ،
ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا گوڙَ،
ساري سَناسِيَن کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
ڪَڏِھِين پاسا پَٽَ تي، ڪَڏِھِين کَٽُنِ کوڙَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 2 ]

ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا،
گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 11 ]

اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ،
لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ،
جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 10 ]

بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن،
نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ،
چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ ڪونَہ ٻَڌَن،
تَرَڪ الْدُنِیاْ وَاْجِب ، اِيءَ عادَتَ عارِفَنِ،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 2 ]