ڀَؤُنرَ بابت
معنيٰ
ٻِنهِي ڀِروُنئن جي وچ واري جاءِ.
Name of center between eyebrows.
بيتن ۽ وائين ۾
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ، اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا، چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا، يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ، اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ، راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ، ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي، آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ، سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ، مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ، ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ، تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]