ڀَؤُنرَ جي سنڌي معنيٰ
ٻِنهِي ڀِروُنئن جي وچ واري جاءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of center between eyebrows.
ڀَؤُنرَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
ڀَؤُنرَ اَکِيُون ڀالا، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن سان ساھُ سُڌِيرُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 8 ]
نيڻَ صَقِيلَ سُپِرِين، ڀَؤُنرَ ڀِرُونِ ڀالا،
چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي ھِنيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 9 ]
چِڪَئَمِ چاڪَ پِرِيَنِ جا، اَندَرِ ۾ آلا،
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جَنھِن جِيءَ صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي ھِنيُون.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 9 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، جِتِ ڌورُون ڌُونِ،
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]
اَچَنِ ڀَؤُنرَ ڀِنڀُولِئا، پاڻِيءَ تَھِين پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَھُ لَڳو واسُوئين.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 7 ]
ھيرَ گهَرِ اِيندَمِ ڙِي، ھِهَڙا موچارا سُپِرِينِ،
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]
ڪَنوَلَ جِھَڙا مُکِڙا، ڀَؤُنرَ ڀَوَندَڙا رَسُ پيتُمِ ڙِي،
آئُون جَنِي جِي آھِيان، ڇَپَرِ سي نَہ ڇَڏِيندَمِ ڙِي،
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، ڪامِلَ ھَٿان ڪَمَ ٿِيندَمِ ڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 10 ]
اُڏَءُ آڏِتُ اُڀِرِئو، وانءُ وِھاڻِيءَ ڀَؤُنرَ،
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 33 ]
سي چيتاريجِ چِتَ ۾، جٖي ڪَنڊا ڌاري ڪَؤُنرَ،
مَتان مارِينَئِي ٽَؤُنرَ، تو لَنئُن لَڳو جَنِ سين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 33 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
English Meaning
Name of center between eyebrows.