وِھانءِ بابت
معنيٰ
ميلاپي، وصال، ھڪ ٿي وڃڻ، ملي وڃڻ، ڳانڍاپجڻ
Marriage, wedding, unite, become one
بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن، وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ، صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- تَہ ڌُئارِئان ڌَٻَرا، ويندِيَسِ ڪَنھِن وِھانءِ، مُون مُلِ مارُو ناھِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ڄامان اَڳي جٖي ڄايُون، تَنِ جِي نِرتِ نُورِيءَ تي ناھِ، نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ، سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]