وِھانءِ جي سنڌي معنيٰ
ميلاپي، وصال، ھڪ ٿي وڃڻ، ملي وڃڻ، ڳانڍاپجڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Marriage, wedding, unite, become one
وِھانءِ جا بيتن ۾ حوالا
ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا سي وَڍِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 13 ]
ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾،
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ،
صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 6 ]
صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 6 ]
تَہ ڌُئارِئان ڌَٻَرا، ويندِيَسِ ڪَنھِن وِھانءِ،
مُون مُلِ مارُو ناھِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 12 ]
مُون مُلِ مارُو ناھِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 12 ]
ڄامان اَڳي جٖي ڄايُون، تَنِ جِي نِرتِ نُورِيءَ تي ناھِ،
نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ،
سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاھَ، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 16 ]
نَہ ڳوٺِ نَہ ڳَنڃَڙي، نَڪِي وَڃَنِ وِھانءِ،
سي ڪِينجُهرَ ڪَندِيُون ڪاھَ، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 16 ]
English Meaning
Marriage, wedding, unite, become one