وَسَنِ بابت
معنيٰ
آباد ٿين، مينھن پون، برسات پوي، ورسن. ساوا ٿين، وڌڻ ويجهن، سرسبز ٿين، ڦَرن ڦَلن، سَرسَبز ٿين.
May raining, flurish, enriched.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَوَ ڀاڱا نوڻِ کي، ڏَھُون ڏَنِيءَ ڏي، جَي ٿِي وَسَنِ مِينھَڙا، تَہ ڏَھَئِي ڏَنِيءَ ڏي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، پاسي تَنِ وَسَنِ، جٖي سَڀَ ڄَماندَرِ سِڪِيُون.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا، صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن، اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي،…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا، اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ، جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- وَسَنِ ۽ وِھسَنِ، ڏِھاڙِي ڏِسَڻَ لاءِ، جِيئَن جِيئَن پِرِين پَسَنِ، تِيئَن تِيئَن نَشا نِينھَن جا.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مارُو ماڳِ نَہ ھيڪَڙي، اوڏا نَہ ڳوٺانِ، جيڏانھَن وَسَنِ مِينھَڙا، تيڏانھَن سانگَ سَندانِ، جي ميڙي رَبُ تَہ مِلانِ ، نَہ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، مارِيَسِ اِنَ مامِري، يادِ نَہ ڪِئو جيڏِنِ، ڪَرَ نَہ لَڌي ڪَڏِهِين، مُنھِنجي…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مِينھَن ڪُڄاڙو ڪَنِ، اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، ساجُهرِ ساهيڙِنِ، وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]