وَسَنِ جي سنڌي معنيٰ
آباد ٿين، مينھن پون، برسات پوي، ورسن. ساوا ٿين، وڌڻ ويجهن، سرسبز ٿين، ڦَرن ڦَلن، سَرسَبز ٿين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May raining, flurish, enriched.
وَسَنِ جا بيتن ۾ حوالا
مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
مارِيَسِ اِنَ مامِري، يادِ نَہ ڪِئو جيڏِنِ،
ڪَرَ نَہ لَڌي ڪَڏِهِين، مُنھِنجي ماڙيچِنِ،
وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 7 ]
مارِيَسِ اِنَ مامِري، يادِ نَہ ڪِئو جيڏِنِ،
ڪَرَ نَہ لَڌي ڪَڏِهِين، مُنھِنجي ماڙيچِنِ،
وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 7 ]
نَوَ ڀاڱا نوڻِ کي، ڏَھُون ڏَنِيءَ ڏي،
جَي ٿِي وَسَنِ مِينھَڙا، تَہ ڏَھَئِي ڏَنِيءَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 28 ]
جَي ٿِي وَسَنِ مِينھَڙا، تَہ ڏَھَئِي ڏَنِيءَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 28 ]
اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ،
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ،
اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي سارَنگُ سارِيان،
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 21 ]
آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
پاسي تَنِ وَسَنِ، جٖي سَڀَ ڄَماندَرِ سِڪِيُون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 7 ]
پاسي تَنِ وَسَنِ، جٖي سَڀَ ڄَماندَرِ سِڪِيُون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 7 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا،
صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 19 ]

سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا،
اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ،
جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون آھِينِ،
جهُڙ ڦُڙِ نَہ لاھِين، وَسَنِ، سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 15 ]