وَرَقُ بابت
معنيٰ
ڪتاب جو ورق يا صفحو، پنو، پني. وڻ جو پن. ڪاغذ جو ٽڪر، ڪٽيل ڪاغذ. چانديءَ جو سِڪو روپو وغيرہ. سون ۽ چانديءَ جا ٺاهيل ورق.
Leaf of a book. One card in a pack. Gold or silver leaf foil.

بيتن ۽ وائين ۾
- صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو، تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران، اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪِئو مُطالِعُ مُون، ھُو جَو وَرَقُ وِصالَ جو، تَنھِن ۾ تُونھِين تُون، ٻِي لاتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ، ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ، وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ، وَٱللَّهُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ، چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ، وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ مارُوئَڙَنِ جو مَرَڪُ، ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ، والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- هُوندَ مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾، پَرَ آئُون بَندِياڻِي بَندِ، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، هاڻي هِنَ هَنڌِ، پُئان پائُرَ پَنڌِ، جي…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ، سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ، ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ، سَندو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ پاسِ، اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ، مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ، وَطَنِ آئُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]