واڳُو بابت
معنيٰ
واڳُون، واگهُو، درياھي جانور جو هڪ قسم، نھنگ.
Crocodiles. Crocodiles or true crocodiles are large semiaquatic reptiles that live throughout the tropics in Africa, Asia, the Americas and Australia.

بيتن ۽ وائين ۾
- جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ، اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ، سَمُنڊَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين، پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين، لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا، ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي، ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي، ٻانڀَڻِ کي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڦازا ڦيريائُون، مَھارُون مَيَنِ جُون، مَروشِي جَبَلِ رَوان، واڳُون وارِيائُون، مُون کي مارِيائُون، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ھاڙِھي ويندا ھوتَ مُئِيءَ جا، آيَلِ جِيجَلِ آن ڪي ڏِنا، بَرَ ۾ بِرَھمَڻِ کي، ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏِيندا، موٽِي ھِنَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي، جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي، آھي…[ سُر بلاول - وايون ]