واڳُو جي سنڌي معنيٰ
واڳُون، واگهُو، درياھي جانور جو هڪ قسم، نھنگ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Crocodiles. Crocodiles or true crocodiles are large semiaquatic reptiles that live throughout the tropics in Africa, Asia, the Americas and Australia.
واڳُو جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]

نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]