نَعرو بابت
معنيٰ
زور وارو آواز، واڪو، رڙ، لَلڪار، شور، غوغاءُ، شور جنگ، نارو.
Slogan, chant, shout.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو، دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو، آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ، نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتُونءَ جِي چانگارَ، اِي عِشقَ جا اُٻَڪارَ، نَعرو آھي نِينھَن جو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينھَن، اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پَنڌُ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]