ماڻي بابت
معنيٰ
انگل، ناز، نخري، لاڏ، آري، چاڳ، رسڻ، تال، ڇانگري.
Blandishment, coquetry, dalliance, toying, airs and graces, affectation.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جٖي، ساھَڙُ ڏانِي تَنِ جو، لَهرِنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، ڪُلَهنِ چاڙِھِئو نِئي، جٖي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُماڻي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا، دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي، شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- اوٺِيَنِ اُماڻي، وِندُرِ جِي واٽَ ڪِي، لاھِيو لاھِيو ڏي، ساجَ سَڀَيئِي اُنِ کي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي، ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي، سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ويٺو ڏي ڏاتارُ، ٻَڌِئو ماڻِڪَ مُوڙِيين، ڪَمُ نَہ ڄاڻِي ڪِي ٻِئو، وِڄا جو واپارُ، لَٿو ڏيھَ ڏُڪارُ، جُنگَ ساماڻي جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- سَمي ساماڻي، سَمَرُ کَڻو نَہ ساٿِئا، ڇَنا ڇانئي ڇَڏِئا، مَنَھَن مَهماڻي، ھَلِبو ھاڻي، جِتِ وَحدَتَ جو وِيءُ وَھي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ، ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو، مَدو ۽ موڳو، جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جِيئَن جِيئَن ڏَمَرَ ڪَنِ، تِيئَن نَشا نِينھَن جا، مَحَبتَ مَحبُوبَنِ، ماڻي مان مَعلُومُ ٿِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]