ماکِي بابت
معنيٰ
ماکيءَ جي مکين جو گلن تان گڏ ڪيل رس، مڌ، شھد، اَنبين، عَمل، ميٺ، سيري، شيريتي، مِٺاس.
Honey.

بيتن ۽ وائين ۾
- قاتِلُ ڪَمائِي ڪَري، وِھُ ماکِي جي ڪَنِ، وَٽان ويھِي تَنِ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- سُونھَپَ ۾ سَپَ گَهڻا، مُنجَهڻُ ماکِي ھوءِ، پَرو تَنھِين پوءِ، جو اُجِهي پَئي اُنَ تان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ، عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ، آڻِئو وِجَهنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جِيئَن هِتِ لَونگَ لِيارَ، تِيئَن هُتِ ڦوڳَ ڦوٽَنِئُون اڳِرا، سَرَهِي سُڳندِيُنِ کان، پُسِي کِين پَنوهارَ، ماکِيان مِٺا ڀانيان، سَندا ڏنئُرَنِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا، ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ، ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ، وَرُ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]