لُڙِڪَ بابت
معنيٰ
اک مان ايندڙ نمڪين پاڻي، ڳوڙها، نِير، اَشڪ، هنج، (اک جو) آب، بوند، قطرا.
Tears from the eyes.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري، سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ، ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ، ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونھِين آھِيان، لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، وَرَ لَئي وَھايان، ھيجان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھارِيان، جانِبُ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- آءُ لانگوٽِئا لالَ، ڪَنھِن پَرِ ڏِٺَئِي گُجَرِيُون، آبُ اَرَتِي گاڏَئُون، لُڙِڪَ وَھائِيين لالَ، ڏِٺِئِي جٖي جَمالَ، سي سامِي ڪوھُ نَہ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اللهَ اوٺِي آڻِيين، جٖي نِياپا نِينِ، آئُون اُنِهين جِي آھِيان، توڙي مُون نَہ مَڃِينِ، مَسُ مُنھِنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- کاروڙِئا کَڻِي، ويڙِهِي جَهپَ وِئا، سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا، پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا، ڏيھِي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي چُلها، هَي چِٽَ، ڪي ڏينھَن هِتي جيڏِيين، ٿي سَنِها ڪِتا سُٽَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، هَي گامويَنِ گَسَ، مارُوئَڙا مَلِيرَ ۾، وَڏِي هُئا وَسَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، لُڙِڪَ وَهَيان لَسَ،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]