لَڏو بابت
معنيٰ
ڀري، بار، لڏ، بوجو، ٻوجهو. بار برداري، کنيل سامان، ٻڌل بار، ڪوچ، منزل. لڏ پلاڻ. اڙد، ٽولي، ٽولو. عيال، لڏيندڙ ماڻهن جو مجموعو.
Pach, load, luggage, crowd, migrate, moving people
بيتن ۽ وائين ۾
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو ھَڏِ مَ لاھِ، آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاھِ مَ، لَڏِ، سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- واقُفُ جٖي وَڻِڪارَ جا، وانءُ تَنِي جي سَڏِ، نيئِي نِماڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پاسي اَڏِ، ساٿِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، لَڏو لَڏي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- اوڏِي آيَس جانۡ پِريان جي پيچِري، ويجهِي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ، مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوھُ اَچَنِ، جٖي تو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ، لَڏو لاھِ مَ لَڏِ، تَہ ڳاڙهي سِجِ ڳالِهہ مِڙين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِئو، لاھِ مَ لَڏو لَڏِ، ساٿَ پِريان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙائو تو ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون، ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون، وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون، ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]