لوٺِيُون بابت
معنيٰ
سڃيون، جن کي گهر گهاٽ نہ ھجي، ترڙ نڀاڳيون
Shameless persons, who have no regard for virtue or honor, reprobates, abandoned.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا، اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ، جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون، پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون، سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ، ھَيُون رَھَنِ نَہ ھوتَ ري.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]