لوٺِيُون جي سنڌي معنيٰ
سڃيون، جن کي گهر گهاٽ نہ ھجي، ترڙ نڀاڳيون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shameless persons, who have no regard for virtue or honor, reprobates, abandoned.
لوٺِيُون جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]

کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ،
مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ، ھَيُون رَھَنِ نَہ ھوتَ ري.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 27 ]

جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ،
مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري،
ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ،
کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا چاڪَ چِڪَنِ.
[ سُر راڻو، وايون، 3 ]

وِساريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀَنُ ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا،
اَصلِ اَسارَنِ جا، سُتي وِئَڙا سيڻَ،
جيڏِيُون جَي مُون وِسَھو، نِنڊَ مَ ھيرِئو نيڻَ،
لوٺِيُون سَھَنِ لوڪَ جا، وِھاڻِيءَ ٿِيُون ويڻَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊان نيڻَ،
راتِڙِيُون جاڳَنِ جٖي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيڻَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 9 ]