قِيمَتَ بابت
معنيٰ
مُلهہ، بھا، دام، نرخ، اگهہ. مرتبو. قدر.
Price. Value.
بيتن ۽ وائين ۾
- چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان، ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ، ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ، آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ، ڪانِهي قِيمَتَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون، ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون، لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون، نَذُرُ نَبِيءَ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنوٽيا ڪَنَ چينَ، پَهرَ نَہ پِنَنِ ڪاپَڙِي، سُڃَ ۾ ھَڻَنِ سينَ، جي قِيمَتَ ڀانِئينِ ڪينَ، تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ، لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ، سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ويٺِي ھِتِ وَڄايان، جِيئَن سَناسِيَنِ سَنکَ، مُھرُن سَندا مِھرِي، لاھَڻَندِي لَکَ، اُنَ اَسان کي آجِڪو، قِيمَتَ ڀانيُون ڪَکَ، سَندا ٻيڙِنِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]