قُلُوبَ بابت
معنيٰ
دليُن، دليوُن، (قلب يعني دل جو جمع لفظ)
By heart, hearts.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾، تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي، ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي، ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا…[ سُر سارنگ - وايون ]
- ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو، ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو، مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- مِيُون مَڱڻَھارَ کي، جَڏھِن سَمُجهائي، ڪِيرَتِيون قُلُوبَ ۾، پاڻِهين ٿو پائي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]