قُلُوبَ جي سنڌي معنيٰ
دليُن، دليوُن، (قلب يعني دل جو جمع لفظ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By heart, hearts.
قُلُوبَ جا بيتن ۾ حوالا
پَڙِهئو ٿا پَڙَهنِ، ڪَڙَھنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾،
تِيئَن تِيئَن ڏوھَ چَڙَهنِ، جِيئَن وَرَقَ وَرائِين وِتَراَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 15 ]

پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ،
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]

سارَنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪاري،
جُهڙَنِ جُهونگاري، لاٿو ڪَٽُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 7 ]

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي،
ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي،
ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 18 ]

ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو،
ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو،
مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 28 ]

مِيُون مَڱڻَھارَ کي، جَڏھِن سَمُجهائي،
ڪِيرَتِيون قُلُوبَ ۾، پاڻِهين ٿو پائي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 47 ]

پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]

آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ،
لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا وارَ،
لَئِي ڪَسُ قُلُوبَ تان، تاڙي ڪِي تَنوارَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، پُويو پائِينِ ھارَ،
پَکَي ۽ پِرِيَنِ جِي، لَھِجِ سَيِّدُ سارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 4 ]