صَدِقو بابت
معنيٰ
(صَدقَه) خدا جي نالي تي ڏنل شيءِ، خيرات، قرباني، ٻَلُ. ڪنھن جي مٿان گهوريل شيءِ. ٻلهاري، عوض. فدا، قربان.
A victim, offering, sacrifice, a thing offered up or devoted.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ، اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ، وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ، ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ، ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان تان صَدِقو، سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]