صَدِقو جي سنڌي معنيٰ
(صَدقَه) خدا جي نالي تي ڏنل شيءِ، خيرات، قرباني، ٻَلُ. ڪنھن جي مٿان گهوريل شيءِ. ٻلهاري، عوض. فدا، قربان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A victim, offering, sacrifice, a thing offered up or devoted.
صَدِقو جا بيتن ۾ حوالا
سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]
آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين،
سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان،
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيھاڻِئُون ڏِيان،
مَٿان ماڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
ساھَڙَ مَٿان صَدِقو، ڏَھَ ڏَمَ ڏِيان،
اَچين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي تَہ، جانِبَ نِتُ جِيئان.
[ سُر سھڻي، وايون، 15 ]

حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو،
اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو،
آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،
ڀاءُ پُٽَ سِرُ صَدِقو، ٻِئو پُڻ ڏِيان ٻانهو،
مانَ راضِي ٿِئي رَسُولُ رَبَ جو، نَبِي تو نانو،
ھِيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مَٿانئِي گهورِيان.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 2 ]

مُون کي ڏِيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪا مَتِ،
ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 25 ]
ڪَندِيَسِ ڪانَہ ڪُپَتِ، ساھُ اُنِ تان صَدِقو.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 25 ]
ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي،
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان تان صَدِقو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 13 ]
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان تان صَدِقو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 13 ]
مَران تان قُربانُ، ساھَ پِريان تان صَدِقو،
سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 8 ]
سَندو مَحَبتَ مانُ، ويھِي ڪِيئَن وِڃايان.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 8 ]
English Meaning
A victim, offering, sacrifice, a thing offered up or devoted.