شَرِيعَتَ بابت
معنيٰ
داخل ٿيڻ سڌو رستو، سنئين واٽ. طريقو، واٽ. اسلامي قاعدو، قانون الاهي، قرآني آئين، ديني قانون، قاعدو، قانون، نِيَم. انصاف، دادُ، نياءُ، درويشن جي اصطلاح ۾ سُلوڪ جو پھريون درجو جنھن ۾ خدا تعاليٰ جي حڪم ۽ محمدي شريعت تي هلڻ واجب آھي.
Islamic canonical law based on the teachings of the Holy Quran and the traditions of the Prophet (Hadith and Sunna), prescribing both religious and secular duties and sometimes retributive penalties for lawbreaking. It has generally been supplemented by legislation adapted to the conditions of the day, though the manner in which it should be applied in modern states is a subject of dispute between Muslim traditionalists and reformists.
بيتن ۽ وائين ۾
- سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي، طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ، مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ، حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ، ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ، پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڪِجِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ھِنيُون حَقِيقَتَ ھيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ، ھوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَہ پُسَڻَ کان پالهو رھين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ ۾ مَ گُذارِ، وَڃِي وَحَدَتَ وِيءَ ۾، گُونُون ڇَڏي گهارِ، شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]