سَنڌِ بابت
معنيٰ
بَدن اندران هَڏن جو جوڙُ، عُضون جو ڳنڍُ جوڙُ، دَرِزَ، ڳُري، گڏيل، جوڳ، سنگم، ميلاپُ. چِير، ڏارُ. حدَ، نِشانُ.
Of or at the joint of bones.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو، ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو، ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري، وِئو وُجُودان نِڪِرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري، پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو، پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ، ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي، پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ، جٖي ماڻُهنِ کي…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]