رِڻَ بابت
معنيٰ
رِڻ پٽ صحرا، بيابان، ويرانو، ارءُ، آوازُ، جابانُ، دشت، برپٽ، ٿَرُ بَرُ، سُڃَ. غيرآباد، اُجاڙ، ڀِينگَ، بياباني، ويراني. بربادي، تباهي، ظلم، قَھَرُ، انڌيرُ، ناانصافي، بي انصافي، هاڃو، ناحق، ستياناس. جنگ، جنگ جو ميدان.
A wilderness, desert or waste of salt earth, waste. Injury, destruction, evil. The black mark of a bruise or blow, a bruise. Field of battle.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا، اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ، وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ، ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ، گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ، پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،…[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينھَڙا، ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين واھِي رِڻَ جا.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏِينھان رِڻَ ۾، پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو، کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي اُڃَ، مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ، ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ، جو ٻَھُون پاري…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]