جيتَرو بابت
معنيٰ
جنھن مقدار يا انداز جو.
As much as, as many.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَنڌُ نَہ پَنڌَنِ جيتَرو، ڪِيئَن سُڄَندِي ڪِيھَ، جيڪَرَ ڪَرِيان رِيھَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئائُون، رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، اُنِهين وَٽِ ”آئُون“، وَڍي وِڌائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُئَڻَ“…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين، تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ، اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]