اُسَ بابت
معنيٰ
سج جو تؤ، سج جو پَرتوو، ڌُپ، سج جي روشني، تڙڪو، ڪاڙهو، گرمي، تابش، تپش. اُتَت، تائي، تاؤڙي، تپت.
Sunshine, daylight.
بيتن ۽ وائين ۾
- پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان، ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان، مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا، اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا، ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا. ڳاڙِيَم ٿي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- لَڳُمِ نِينھُن نِيَڻِ سين، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن، مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مُنڌَ مَ مَنَھِن ويھُ، اُڀِي اوسِڙُ اُسَ ۾، تو سيئِي سيڻَ ڪِئا، ڏُورِ جَنِي جو ڏيھُ، پاڙي پاڙي پيھُ، پُڇُ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءَ تي، جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ، پُنهون…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ، ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- پَرتَوو پُنهونءَ جو ڪِي ڇانئِين ڪِي اُسَ، قَريباڻِي ڪُسَ، آھي ڪَرِٻَ ڪَرِڙِي.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾، اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ، پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اُڀِي اوسَڙان اُسَ ۾، جَهلِئو ڪُنَ ڪِنارَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آيا، وَڏِي لَڳيَنِ وارَ، ھُيَسِ جَنِي ھارَ، سي موڙي چُرِئا…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]