الَکَ بابت
معنيٰ
اڻ لکو. اَگم، غير محسُوس. جنھن جي ڄاڻ نہ پوي. مخفي. اڻ ڏٺل، غائب. بي نشان. خدا تي صفاتي حساب سان نالو.
Mysterious, difficult or impossible to understand, explain, or identify. Name of God.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون، اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون، رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون، وَڏِيءَ ڪَنھِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ، پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ، جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي، اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي، پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ، اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ، بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]