الَکَ جي سنڌي معنيٰ
اڻ لکو. اَگم، غير محسُوس. جنھن جي ڄاڻ نہ پوي. مخفي. اڻ ڏٺل، غائب. بي نشان. خدا تي صفاتي حساب سان نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mysterious, difficult or impossible to understand, explain, or identify. Name of God.
الَکَ جا بيتن ۾ حوالا
سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون،
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]
ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ،
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]
اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ،
سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ،
جٖي راتو ڏِينھَن رَمَنِ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 2 ]
سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ،
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]
پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ،
جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 3 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، مَٿِنِ بانَ بَرِي،
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
اورِيندي الَکَ سين، وِيَنِ وِلَهہ وَرِي،
پَسو پَتِ پَرِي جِيجان جوڳِيَڙَنِ جِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 14 ]
ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري،
اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري،
ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري،
لُڙِڪَ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھُن نبيري، جِيئَن سَڙي تِيئَن سَنِرو.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 7 ]

مَٿي کان مَٿي، جوڳِيءَ ڏِنِي جُوءِ،
اوڏو ٿِئو الَکَ کي، وَڃِي رُوبَروءِ،
بابُو چَکِي بُوءِ، مَنجهان باغَ بَقاءَ جي.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 6 ]