آگا بابت
معنيٰ
ڌڻي، مالڪ، مولا، خدا. (آقا)
Lord, God, master
بيتن ۽ وائين ۾
- سودو اِھوئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ، دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ، سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ، پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا، لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ، جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ، پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ، جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ، اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ، آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]