آگا جي سنڌي معنيٰ
ڌڻي، مالڪ، مولا، خدا. (آقا)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lord, God, master
آگا جا بيتن ۾ حوالا
سودو اِھوئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ،
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]
وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ،
ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي ماءِ،
لُطِفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مانَ.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 9 ]
نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ،
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا،
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]
اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا،
تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو تَنھِن ڌَڪَ،
ڪانُ ڪوھِيارِي جو ھَنيو، رُئاڙِيُسِ اُنَهِيءَ رُڪَ،
آگا عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون کي ھادِي ميڙِيين حَقَ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 26 ]

جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ،
اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ،
آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 19 ]
اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ،
آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 19 ]
English Meaning
Lord, God, master