ھَٽِ بابت
معنيٰ
دڪان، ھٽ، اھا جاءِ جتي مال وڪڻجي، يا جتي واپار ڪجي، دِڪو، ڪوٺي، ڇاپ، پڙي
A shop, store, mall, shopping place

بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا، ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ، مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو ماٽي وَٽِ، سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو، پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ، ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين، وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ، ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ، ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ، خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ، ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ، بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ، تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڇڏِئو ڇَپَرق وَٽِ، رِڙِھئو ريجاڻِيءَ چُڻي، ڪُھِي ڪِيناري چاڙِھِيُون، پييُون وِڪامَنِ ھَٽِ، تَنھِن سَرَ مَٿان سَٽِ، ڏِھاڙِي مارِي ڪَري.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]