ڪَھُ بابت
معنيٰ
(ڪئہ) ڀَؤ، ڊڄُ، خوفُ، ڊپُ، ڊيڄو، خطرو. ڪُٻُ، گُڪُ، چِٻُ.
Fear dread, to fear
وڃ
گهنجڻ، ھٽڻ ڪڙٻائڻ، پوئتي پوڻ
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري، سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري، ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ٻيلِيَنِ ڌاران ٻَنِ، ڏِجي ڏُونگَرُ جيڏِيُون، وَڌِيَسِ وَراڪَنِ ۾، ڪيرائي ڪَھُن، ٿِيَسِ مَنجهان تَنِ، پييُون پُڇائِينِ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ٻِيجَلِيا ٻُڌاءِ مُون، ڪَھُ جا ڳالِهہ ڳَري، پيٺين جِيئَن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري، ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جَي ميراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻ مَنجهان تَنِ، ڪِي ڪَھُ مُنھِنجي ڪَنِ، اِرُثَ مَنجهان اُنِ جي.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏِھِين اَڃان اَچَڻُ نَہ لَهان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين، ڪَڏِھِين سِڪَھُون سَڏَ کي،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي، لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ، ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون، سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون، پايو جَرُ جَندَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون، ڏِينھان…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]