ڪَپِڙا بابت
معنيٰ
بت تي پھرڻ لاءِ لٽا، چيررَ، لباس، لُڳڙَ، وَڳا، اوڇڻ، اوڍڻَ.
Cloth, an article of apparel. (plu. Clothes.)
بيتن ۽ وائين ۾
- آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا…[ سُر سارنگ - وايون ]
- مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي، ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي، آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- اَڄُ مَلِيندِيَسِ ماءُ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، جِيجان جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلِ مَ پاءِ، ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنَرَ پايان.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪُنَرَ ڪَڪا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇي ڀَرِ لَڪَنِ، يادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- اَڳي اِيئَن ھُياسِ، جِيئَن پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا، ھاڻي اِيئَن ٿِياسِ، جِيئَن جَتَ نَہ نِينمِ پاڻَ سين.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اوٺِي پُڻ ڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا، گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- اوٺِي اَڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورا، کاڻِيءَ کي کورا، جَبَلَ پَسِي جاڳِئا.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سَرَتِيُنِ سَھِجَ مَنجهان، ٿِي ڪوڏِ وَراھِيا ڪَپِڙا، تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَ سُرَنگَ، ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ، ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ويڙِھيين مَنجِهہ وَڙالَ، آن ڪي گَڏِئا ھوتَ مُنھِنجا، گيڙُو ڪِئائُون ڪَپِڙا، رَتائُون رُومالَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو، تَنِ سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ،…[ سُر پورب - وايون ]
- بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا، مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪِتُم سَڀَ ڄمارَ، تَہ پانِي پُورِي نَہ ٿِئي، جِيئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپِڙا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- عُمَرَ اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِيئَن ڪَنِ، جَنِي جا ٿَرَنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَھَن، ھُوءِ جٖي حَقَ ڀَڃَنِ، سي ڪِيئَن…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]