ڪَنبَنِ بابت
معنيٰ
ڏڪن، لرزن، ٿڙڪن، تڙڦن، ڌُڏن، سِياٽجن، ڌُڏِڪن، ڌوڏو کائن، ڌڙڪن. چُرن، ڦڙڪن. ڌونڌاڙجن، جهُلن، ٽُلِڪَن، ڌوڻجن، اُلِڙن.
To shake, tremble, quake, quiver.
بيتن ۽ وائين ۾
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ، سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ، وارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شالَ اولو…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ، ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ، وَرُ وِڏُوڻو اِيَھِين، جِيئَن جِيئَن پاڻُ پَسَنِ.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو، جَنھِن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ، جَنھِن جو جاڙيجَنِ، سُتي سونچو نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ، اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جٖي ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، اَٺَئِي پَھرَ اَرٽَ سين، تَنِ جو صَرافَنِ، ڦولِهئو ڪِينَ ڪِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي، آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ، اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ، مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ، ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿون جي پاتارَ جا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]